اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي ملڪي معاشي حالتن جي ڪري غريب ماڻهن تي پوندڙ بار جو مڪمل احساس آهي، عوام تي مهانگائي جو بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن، حڪومتي سبسڊي جو شفاف ۽ موثر استعمال موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ??زي??اعظم عمران خان پنهنجي صدارت ۾ معاشري جي مستحق ۽ غريب ماڻهن کي خوراڪ ۽ ٻين ضروري شين جي خريداري ۾ حڪومت پاران سڌي سنئين سبسڊي جي فراهمي جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نا??ي وارو ??زي?? ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صنعت ۽ پيداوار وارو ??زي?? حماد اظهر، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، ڊاڪٽر ثانيه نشتر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. ان موقعي تي ??زي??اعظم کي تجويز ڪيل احساس فوڊ اسٽيمپ پروگرام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ??زي??اعظم کي ڄاڻايل پروگرام جي مقصدن ۽ طريقيڪار جي حوالي سان بريفنگ ڏني، ان پروگرام تحت مستحق ماڻهن کي ضروري شين جي خريداري ۽ حڪومت پاران سڌي سنئين سبسڊي فراهم ڪئي ويندي، سڌي سنئين سبسڊي جي فراهمي سان مستحقين تائين حڪومتي امداد سڌي سنئين، شفاف طريقي ۽ فوري طور تي ميسر ايندي، ان پروگرام جو مقصد اڻ سڌي سبسڊي جي نظام کان سڌي سنئين مالي مدد جو طريقيڪار اختيار ڪرڻ آهي، ??زي??اعظم کي پروگرام مان فائدو کڻندڙ خاندانن ۽ ماڻهن جي انگن اکرن ۽ شروعاتي ڪاٿو پيش ڪيو ويو. ??زي??اعظم تجويز ڪيل پروگرام کي ساراهيندي چيو ته حڪومت کي ملڪي معاشي حالتن جي باوجود غريب ماڻهن تي پوندڙ بار جو مڪمل احساس آهي. ??زي??اعظم چيو ت?? اسان جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته غريب عوام تي مهانگائي جو بار گهٽ ڪيو وڃي، غريب عوام کي ريليف پهچائڻ اسان جي ذميداري آهي، اسان کي پنهنجي ذميداري جو مڪمل احساس آهي ۽ اسان ان کي پورو ڪرڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين.
متعلقہ مضامین
-
Walled City houses 2,285 shops and six plazas within 12 Gates of Lahore
-
ٹی پی کارڈ گیم آفیشل ڈاؤن لوڈ انٹرنس مکمل گائیڈ
-
Parliament proper platform to probe Panama leaks
-
55 Pakistani companies to participate in Heimtextil Frankfurt under TDAP
-
ڈیول فورچون انٹرٹینمنٹ آفیشل ویب سائٹ: دلچسپ کھیلوں کی دنیا میں آپ کا گیٹ وے
-
آن لائن سٹی پرسٹیج بیٹنگ ایپ: نئے دور کی جدید ترین ٹیکنالوجی
-
ایم جی الیکٹرانکس کی آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کے بارے میں مکمل معلومات
-
T1 الیکٹرانک تفریح کی دنیا | آفیشل ویب سائٹ کی مکمل جائزہ
-
Smurfs ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم: ایک محفوظ اور تفریحی تجربہ
-
این ایس الیکٹرانک ریلائیبلٹی انٹرٹینمنٹ اے پی پی کی مکمل تفصیل
-
PG سافٹ ویئر کا آفیشل ڈاؤن لوڈ پورٹل
-
Gold Blitz App ڈاؤن لوڈ لنک: گولڈ ٹریڈنگ کا بہترین پلیٹ فارم