اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته موجوده حڪومت ٿيلسيميا کان متاثر ٻارن جي ڀلائي جي لاءِ هر وقت ڪوشش ڪري رهي آهي، حڪومت انهن ٻارن سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن کي ڪڏهن به رت جي کوٽ ٿيڻ نه ڏينداسين. هو پاڪستان سوئيٽ هوم بلڊ بئنڪ پاران پارليامينٽ هائوس ۾ رت جي عطيي واري ڪئمپ جي دوري جي موق??ي تي ڳالهائي رهي هئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻين شرڪت ڪندڙن سان گڏ نمايان ڪارڪردگي تي سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ت?? اڄ پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان سوئيٽ هوم بلڊ بئنڪ پاران رت جي عطيي واري ڪئمپ اظهار ڪري ٿي ته اسان سڀ پارليامينٽرينز زمرد خان ??ي ان نيڪ ۽ عظيم مشن ۾ ان سان گڏ بيٺل آهيون، بنا ڪنهن شڪ ??ي اسان اهو ڏسون ٿا ته هر جڳهه تي سٺن ڪمن ۾ زمرد جو نالو پهرين صف تي اچي ٿو ۽ انهي لاءِ الله تعاليٰ ان جي هر ڪم ۾ برڪت وڌي آهي، زمرد خان ۽ سندس پوري ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي، يقينن توهان اسان جا هيروز آهيو ۽ اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه آهيو. هن چيو ت?? ٿيلسيميا کان متاثر ٻارن جي لاءِ رت جو عطيو جمع ڪري مستحق مريضن تائين مفت فراهمي کي يقيني بڻائڻ يقينن هڪ عظيم ڪم آهي، پارليامينٽرينز جي وڏي انگ ۾ رت جو عطيو ڏيڻ ملڪ سان محبت جو عملي اظهار آهي ۽ ثابت ڪري ٿو ت?? اسان جي پارليامينٽ هر قسم جي قربانين جي لاءِ هر وقت ڪوشش ڪري رهي آهي، آئون سمورن پاڪستانين ۽ عوام کي اپيل ڪنديس ته زمرد خان ??ي ان نيڪ مشن ۾ ان جو ساٿ ڏين. زمرد خان خطاب ڪندي چيو ت?? اڄ مون کي اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي ته اسان جي هي مقدس پارليامينٽ ۽ هي ايوان انسانيت جي بي لوث خدمت ۾ ڪنهن کان گهٽ نه آهي، آئون سمورن پارليامينٽ ميمبرن سميت اعليٰ آفيسرن ۽ خاص طور تي قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جو ت??ام گهڻو ٿورائتو آهيان جنهن اڄ منهنجي آواز تي لبيڪ چيو ۽ معصوم زندگيون بچائڻ جي لاءِ ان عظيم مشن ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو، هي ايوان ۽ ان جي ميمبرن ٻئي اسٽاف ۽ آفيسرن مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ پنهنجي ماڻهن جي تحفظ، حقن ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ت?? رت جو عطيو ڏيڻ عظيم صدقه جاريه ۽ عين عبادت آهي، اسان جي هوندي ٿيلسيميا، هيموفيليا ۽ بلڊ ڪينسر جي مرض سان جنگ وڙهندي معصوم ٻار اڪيلا نه آهن، ا??هن ٻارن جي لاءِ جيڪڏهن مون کي پوري پاڪستان ۾ به وڃڻو پيو ت?? شهر شهر وڃي انهن جي لاءِ رت جو عطيو جمع ڪندس، پاڪستان سوئيٽ هوم نه رڳو هزارين يتيم ٻارن جون زندگيون بدلائي رهيو آهي پر لکين ٿيلسيميا ۽ هيموفيليا جي مرض سان جنگ وڙهندڙ ٻارن جي لاءِ جيئڻ ??ي اميد به آهي جن کي پنهنجي زندگي جيئڻ جي لاءِ مسلسل رت جي عطيي جي سخت ضرورت آهي. ان موق??ي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان، قانون واري مملڪتي وزير شاهد حسين، وزيراعظم جي خاص معاون امير مقام، ا??ن ايم اي ڊاڪٽر افضل خان ڍانڍلا، ا??م ا??ن اي علي زاهد، ا??م ا??ن اي شمس الاسلام، ا??م ا??ن اي خان محمد جمالي، ا??م ا??ن اي نديم عباس، ا??م ا??ن اي آسيه عظيم، ا??م ا??ن اي ڊاڪٽر شهناز، ا??م ا??ن اي اسامه قادري، ا??م ا??ن اي اظهر قيوم ناهرا، ا??م ا??ن اي راڻا مبشر، ا??م ا??ن اي احسان الله، پارلياماني سيڪريٽري رفيق احمد جمالي، ا??م ا??ن اي ڊاڪٽر نثار چيما، ا??م ا??ن اي طاهره اورنگزيب، ا??م ا??ن اي محسن رانجها، ا??م ا??ن اي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ا??م ا??ن اي ناز بلوچ، ا??ضل کوکر، راجا فاروق حيدر، روبينه عرفان، سينيٽر تاج حيدر، سينيٽر مشاهد حسين، ا??م ا??ن اي ڪشور زهره، ڊاڪٽر قادر خان مندوخيل سميت ٻين شخصيتن بلڊ ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ زمرد خان ??ي ان قدم کي ساراهيو.
متعلقہ مضامین
-
First Mpox patient of 2025 recovers
-
Prime Minister calls climate financing ‘crucial’ in talks with top UN official
-
X unblocked in Pakistan amid rising India-Pakistan tensions
-
JUI-F leader targeted in South Waziristan explosion: police
-
Captain's Bounty سرکاری تفریحی لنک
-
Sun of Egypt official entertainment portal
-
More dialogue between Pakistan, India will help reduce tensions: US
-
Senate offers prayers for Maulana Saleemullah
-
Smurfs آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل طریقہ
-
این ایس الیکٹرانک کی آفیشل گیم ویب سائٹ کا تعارف اور خصوصیات
-
صبا اسپورٹس کی معروف بیٹنگ ویب سائٹ کی خصوصیات اور کامیابی
-
بکریٹ آفیشل انٹرٹینمنٹ فورم: تفریح اور کمیونٹی کا بہترین پلیٹ فارم