اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي پرڪشش ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي منزل جي طور تي اڀري رهيو آهي، پاڪستان ملڪ جي ڪاروباري ما??ول ۾ بهتري آڻڻ لاءِ مختلف سڌارا متعارف ڪرايا آهن، غير ملڪي واپاري ملڪ جي سيڙپڪار طور ڪاروباري نظام مان فائدو کڻن، ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برونائي داراسلام جي چونڊيل هاءِ ڪمشنر الجزائر ۽ يونان جي سفيرن ۽ موريطانيه ۽ ??لب??نيا جي چونڊيل غير مقيم سفيرن سان ايوان صدر ۾ ڳالهائيند ڪئي، جنهن ساڻس ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، برونائي داراسلام جي چونڊيل هاءِ ڪمشنر پينگيران عبدالصمد بن پينگيران حاجي ميتاسان، الجزائز جي چونڊيل سفير براهيم رونامي، يونان (هيلينڪ ريپبلڪ) جي ڪونسٽنٽينوس مواتس، موريطانيه جي محمد و??لب??ه ۽ ??لب??نيه جي نامزد سفير ڪسٽريوٽ روبو هڪ تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي پنهنجون سندون پيش ڪيون?? صدر نئين چونڊيل سفيرن کي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران ٻطرفي لاڳاپن کي و??يڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سڀني دوست ملڪن سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ هو دوست ملڪن سان گڏ معاشي واپاري ۽ ثقافتي تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته آساني ڪاروبار سان غير ملڪي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ملندي، پاڪستان معاشي ترقي لاءِ پنهنجي منفرد جيو اڪنامڪ جاگرافيائي کي استعمال ۾ آڻڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستان سڀني دوست ملڪن سان واپاري ماپو خاص طور روانگي واپار وڌائڻ جو خواهشمند آهي?? صدر چيو ته دوست ملڪن سان گڏ وسيع البنياد ۽ بامعنيٰ تعاون لاءِ اداره جاتي فريم ورڪ جي ضرورت آهي?? صدر ڊاڪٽر عارف علوي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين جو ذڪر ڪندي چيو ته عالمي برادري ڀارت کي جوابده بڻائي ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب تڪرار حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري?? صدر غير ملڪي سفيرن کي افغانستان جي سنگين انساني صورتحال کان به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته عالمي برادري افغانستان جي ماڻهن کي انسان جي تباهي کان بچائڻ لاءِ انهن جي مدد ڪري.
متعلقہ مضامین
-
Amid Pakistan tensions, China’s new mega dam triggers fears of water war in India
-
CTD Punjab arrests 11 ‘terrorists’
-
Govt empowers rural communities with solar home systems
-
Pakistan and Bangladesh resume diplomatic consultations for the first time in 15 years
-
Jiaduobao الیکٹرانکس کی سرکاری ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ
-
Devil Fortune Integrity Entertainment Website - ایک قابل اعتماد تفریحی پلیٹ فارم
-
Nisar, Imran to board same flight to London
-
Rain likely in different parts of Pakistan
-
SHC Chief Justices son kidnapped in Karachi
-
PML-N nominates candidates for reserved seats in AJK-LA
-
Civil-military gap not ordinary: Shah Mehmood
-
PBC split deepens as SCs ToRs ruling looms